شيطان ابوالجنان

شيطان ابوالجنان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب طالب الموليٰ جو تاليف ڪيل آهي، جنهن ۾ شيطان بابت مختلف عالمن ۽ اديبن جي ‘الوحيد’ رسالي ۾ شايع ٿيل مضمونن کي ترتيب ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي فهرست ۾ شامل مضمونن ۽ مصنفن ۾: شيطان (سيد غلام شاهه ملازم لطيفي)، شيطان جي متعلق شرعي تحقيق (مولوي محمد صاحب بن غلام احمد صاحب)، شيطان (مولوي عبدالحق)، شيطان (حڪيم مولوي محمد صبغت الله)، حقيقت شيطان (مولانا فضل احمد غزنوي)، شيطان (فولاد فقير صوفي القادري)، سوانح شيطان(فقير روشن الدين صوفي القادري)، شيطان ڇا آهي؟ (الحاج پير شاهه نواز عارف الموليٰ)، شيطان (جي ايم سيد)، شيطان (رجب علي محمد علي نقاش)، شيطان واري سوال جو جواب (صالح محمد شاهه)، شيطان (محمد هاشم لعل محمد)، شيطان (محمد سليمان)، شيطان (غلام جعفر عرف محمد عمر)، شيطان (قاضي عبدالرزاق)، شيطان (قاضي عبدالرزاق)، شيطان (محبوب علي خلف مرحوم/ غلام سرور قريشي هالائي)، شيطان (نياز فتح پوري: از ڪتاب ‘من و يزدان’)، ابليسيت (سيد ابو سعيد بزمي، ازڪتاب ‘انقلابات عالم’)، قصهء عزازيل (ازڪتاب ‘قصص الانبياءَ’)، شيطان (از مثنوي مولانا روم)، ابليس جو فرمان (علامه اقبال، از ‘ضرب ڪليم’)، پنهنجي سياسي فرزندن جي نالي (علامه اقبال، از ‘بال جبريل’)، ابليس جي عرضداشت (علامه اقبالجبريل و ابليس (علامه اقبالابليس ناري و ابليس خاڪي (علامه اقبال، از ‘ارمغانِ حجاز’)، ابليس جي مجلس شوريٰ، شيطان نمبر 2 جي ماهيت (طالب الموليٰ) شامل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ خود مؤلف مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو لکيل آهي، جڏهن ته ابتدا ۾ مقدمو غلام محمد گراميءَ لکيو آهي. ڪتاب جو انتساب ‘اسرار فقير عرف شيطان فقير’ جي نالي ڪيل آهي. هي ڪتاب خير محمد حاجي سليمان نظاماڻي، آفتاب اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1951ع ڌاري ڇپيو ۽ احمد نبي بخش شيخ، آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد مان پڌرو ڪيو ويو. ڪرائون سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو اٺ آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو